پوڪرداس ٿانور داس

پوڪرداس ٿانور داس

پوڪرداس ٿانور داس

پوڪَرداس ٿانور داس: نامياري پبلشر پوڪرداس ٿانور داس 1868ع ڌاري شڪارپور، سنڌ ۾ جنم ورتو. ۽ مختلف اسڪولن مان تعليم حاصل ڪري، تعليم کاتي ۾ منشي مقرر ٿيو. گهٽ پگهار سبب پهرين جنوري 1886ع کان ڪتابن جي وڪري جو ڌنڌو اختيار ڪيائين ۽ محنت سان پنهنجي ڌنڌي کي وڌائي نيٺ ڪتابن جي ڇپائيءَ جو سلسلو شروع ڪيائين. هن جولاءِ 1889ع ۾ منشي خوشيرام سان گڏجي هڪ مزاحيه قصو ”مُلا ۽ موالي“ جي نالي سان لکي ڇپايو. هن خود به پنهنجي ڇاپخاني وسيلي اڌ صديءَ تائين سنڌي ڪتاب ڇپايا ۽ سنڌي زبان ۽ ادب جي اشاعت جي تاريخ ۾ هن کي خاص اهميت حاصل آهي. پير علي محمد راشديءَ هن بابت لکيو آهي ته: ”جيڪڏهن سنڌي زبان اڄ تائين حيات آهي ته ان جو هڪ سبب پوڪرداس جو ڇاپخانو آهي.“ پوڪرداس درسي، طبي، ديني، ڌرمي، رمل، نجوم ۽ جفر جي ڪتابن کان سواءِ شاعريءَ ۽ نثر جي مختلف صنفن جا سوين ڪتاب توڙي جنتريون به ڇپايون.1893ع ۾ شڪارپور شهر جي مشهور حڪيم ميان محمد اسلم علويءَ جا طب تي لکيل ڪتاب ڇپايائين، جن ۾ ”تحفة العاشقين“ به شامل آهي، اهو ڊيمي سائيز جو ڪتاب لاهور جي پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيائين، جنهن جو 1904ع ۾ ٻيو ڇاپو پڌرو ٿيو. اسلم علويءَ جو ٻيو ڪتاب ”مخزن الادويات“ به سيپٽمبر 1893ع ۾ اسلاميه پـريـس لاهـور مـان ڇپيـو. ساڳئي مصنف جو ٽيون ڪتاب ”قرابادين علوي“جي نالي سان سيپٽمبر 1895ع ڌاري ڊيمي سائيز ۾ اسلاميه پريس لاهور مـان ڇـپـايو ويو. شروعاتي دؤر ۾ پــوڪـرداس جـا ليـٿـوگـرافـيءَ ۾ ڪـتـاب ”شڪارپور پريس“ (جنهن جو مالـڪ ڄيٺانند هو)، ”البرٽ پريس سکر“، ”اريــڊ
اسٽيم لاهور“، ”مفيد عام پريس لاهور“، ”خادم التعليم اسٽيم پريس لاهور“،”هندستان پريس لاهور“ ۽ ”آڪاشي رام پريس لاهور“ ۾ ڇپبا هئا. ڪتابن جي ڪتابت جو ڪم ميان رب رکيو (ميونسپل شڪارپور جو ملازم)، در محمد، حاجي اويس ۽ آخوند حاجي آدم ڪندا هئا. پوڪرداس لڳاتار 12 سال ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم زور شور سان ڪيو ۽ 1898ع ۾ پنهنجي پاڙي نوشهري در شڪارپور ۾ ”پوڪر پريس“ قائم ڪيائين، جنهن جو اڳتي هلي نالو بدلائي ”سنڌ پرنٽنگ پريس نوشهرو در- شڪارپور“ رکيائين.
پوڪرداس سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ فارسي، گرمکي ۽ ديوناگري، لپيءَ ۾ توڙي سنسڪرت، ڪاٺياواڙي، عربي ۽ انگريزي ٻولين ۾ به ڪتاب ڇپايا. پوڪرداس نهايت خوش اخلاق طبيعت جو مالڪ هو. هن جا شڪارپور کان سواءِ هند- سنڌ جي اديبن، شاعرن، دانشورن، صحافين ۽ آفيسرن سان گهرا واسطا هئا. شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ سان به سٺو واسطو هئس. جنهن جا پڻ ڪيترا ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيائين. پوڪرداس ڪتابن جي ڇپائيءَ جي واپار کي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ به وڌايو. اتي پنهنجن پٽن ڀوڄراڄ، لڇمڻداس ۽ مدن لعل کي اشاعتي ڪم سان لڳايائين، جنهن بعد هنن جي سڃاڻپ ”پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور“ مان ڦري ”پوڪرداس ائنڊ سنز، تاجر ڪتب شڪارپور/ حيدرآباد ۽ ڪراچي“ ٿي وئي. پوڪرداس، ڇپائيءَ جي لحاظ کان ليٿو گرافيءَ جو دؤر عبور ڪري جديد دؤر ۾ پير پاتو ته جديد ٽائيپ ۾ ڪتابن جي اشاعت جو سلسلو جاري رکيو. نهايت ديده زيب ڪتاب شايع ڪرائيندو هو. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي هن وڏي خدمتگار 14 اپريل 1934ع تي وفات ڪئي. جنهن کان پوءِ سندس پٽ ڇپائيءَ جي ڪاروبار کي سٺي نموني هلائيندا رهيا. جيڪي ورهاڱي سبب سنڌ ڇڏي هندستان ويا. اهڙيءَ طرح سنڌ هڪ وسيع ادبي ۽ تاريخي اشاعتي اداري کان محروم ٿي وئي.
پوڪرداس جي ڇپايل ڪتابن جي فهرست: پوڪرداس جي اشاعتي اداري پاران ڇپايل ڪتابن جي لسٽ هن ريت آهي: (1) جهاندار شاهه آرام دل، (2) حاتم طائي وڏو ۽ ننڍو، (3) ممتاز دمساز وڏو، (4) چار درويش وڏو، (5) طوطي نامو، (6) 35 راتيون، (7) الف ليليٰ (حصو 1-2-3-4)، (8) قصو پورن ڀڳت، (9) چندر ڪانتا (1-2-3-4)، (10) دنيا دورنگي، (11) عشق جو سير، (12) شهزادو لعل ۽ جهان بيگم، (13) اگر گل عمدو، (14) زبردستي خون، (15) مزيدار برٿولڊ، (16) مهاراڻي پدمڻي ۽ (17) سوداگر بدرالجمال، (18) شمشير جنگ ۽ راحت جان، (19) حسن عشق ۽ حسن بانو، (20) ڀيانڪ لاش (1-2)، (21) دلپسند ناول، (22) شهزادو ارجمند، (23) سڪـنـدر نـامـو وڏو، (24) بـوسـتـان سـنـڌي، (25) بيـتـال پـچـيـس، (26) علمي گـلـدستو، (27) دنيا جو سير، (28) عالم آبي، (29) دلِ خندان، (30) راجا اندر ۽ سبز پري، (31) سچائيءَ جي سوڀ، (32) زمين تي رهندڙ ساهوارا، (33) نئون دل بهار، (34) من موهڻي، (35) راجپوتانا جي ديوي، (36) پون ڪمار ۽ راڻي انجنا، (37) روپ بسنت وڏو، (38) پورن وڏو، (39) گوپيچند وڏو، (40) نورجهان بيگم، (41) مومل مينڌرو، (42) ليليٰ مجنون، (43) هير رانجهو، (44) عمر مارئي وڏو، (45) سيف الملوڪ، (46) مشهور ڏيڍ ٺڳ وڏو، (47) نئون اڍائي ٺڳ، (48) جادوءَ جا تماشا، (49) جانعالم انجمن آرا، (50) گل صنـوبـر، سـوريـه ڪلا، (51) گل منير، (52) ديوان بـلـبـل، (53) دل سـوز نـاٽـڪ، (54) مـظـفـر حسـن آرا، (55) خدا دوست، (56) گلزار عشق، (57) مهربان راڻي، (58) قمر الزمان (ناٽڪ)، (59) گل بلبل وڏو، (60) ناول بـدگـمـانـي، (61) زمـيـنـدارن ۽ وڏيـرن لاءِ هـدايـتـون، (62) چـالاڪ وڪيل، (63) رستم پهلوان، (64) شوقين ڌاڙيل، (65) عجيب طلسم، (66) کل ئي کل پيو، (67) چٽ سوال پٽ جواب، (68) بهرام بهادر جي ڳالهه (بيتن ۾)، (69) ظـريـف الـدولـه، (70) الله تنهنجو آسرو، (71) ڌڻي تنهنجي ٽيڪ، (72) ناول: ساڍا اٺ خون، (73) گلبدن راڻي، (74) زنوبيه راڻي، (75) علي بابا چاليهه چور، (76) بهادر استري، (77) نقلي مڊم، (78) علم ادب، (79) حل تجربات، (80) گڏ ڏهه قصا، (81) ڊلهه شيطان جي ناني، (82) عجيب ڳجهارتون (حصو 1، 2 ۽ 3)، (83) دل عمدو قصو، (84) مزيدار چهچٽو، (85) مورڙو، (86) سهڻي ميهار، (87) ڀيانڪ ڀوتني، (88) سندر ٻائي، (89) کل ئي کل بلڪل مزيدار، (90) ڪرشنا سچو پيار، (91) اندر سڀا، (92) شيرين فرهاد، (93) سونو پکي، (94) دل جي وندر، (95) مايه ظرافت، (96) آئينه تجارت، (97) تعليم جو فرض، (98) بيربل اڪبر وڏو (حصا 2)، (99) مـلا دوپـيـازو، (100) پـڪـوڙو مـل، (101) قـبـاد ۽ مـشـتـري بيـگـم، (102) آفيمين جا نقل، (103) املين ۽ ڏاڙهين جا نقل، (104) قديم چيني عمدو قصو، (105) دردن جو داستان، (106) بمبئي ناٽڪ گانا، (107) ناول: سچي سڪ، (108) سدا وچ شولنڪا، (109) فئشنبل جنٽلمين، (110) حرڪت مان برڪت، (111) عجب ٺڳي، (112) جن ۽ شيطان، (113) عشق تماشو، (114) ڏيـر ڀاڄائي، (115) ڪوئا ٻلي، (116) طوطو مينا، (117) عدن عاشق، (118) هولي، (120) کينهون، (119) درسني هنڊي، (121) ناول ٿيئٽر، (122) دايو ڪوڙي، (123) شراب ۽ پاڻي، (124) آچر مسخرو، (125) منصور شاهه، (126) للتا، (127) جهڳڙو سون ۽ لوهه جو، (128) انڌيري نگري، (129) نفرت شراب، (130) ڀينڪر چڪر، (131) جاسوسن ۽ ڊاڪن جي خوفناڪ لڙائي (4 حصا)، (132) ناول لاجونتي، (133) حرص جو شڪار، (134) سنهڙي نـانـگـڻ (1، 2)، (135) عـجـائـب خـزانـه، (136) رڻبـيـرسنـگهه ۽ ڪشـوري، (137) رتفلس، (138) قصص الانبيا، (139) روضة الشهداءِ، (140)، جنگنامه، (141) حج شريف جي سڄي تاريخ، (142) قلندر شهباز، (143) احوال شاهه عبداللطيف، (145) احوال پير غوث بهاءُ الدين، (146) جنگ خيبر، (147) مرثين جو ڪتاب (ثابت علي شاهه)، (148) مجالس الشهداءِ، (149) خطباوان، (150) بستان الواعظين، (151) گلزار محمدي وڏو ۽ ننڍو، (152) هرڻيءَ جـو مـعـجـزو، (153) حـسن الامـوال، (154) نـوافــل، (155) آداب الــنـڪـاح، (156) مقصود المومنين، (157) ڪيميا ڪرامات، (158) لغات لطيفي، (159) بيبي فاطمهرضه، (160) ترتيب الصلواة، (161) مدحن جو وڏو ڪتاب، (162) مناقبا ۽ مدحون، (163) تفسير سيقول سنڌي، (164) تفسير تبارڪعه ۽ عم سنڌي، (165) پنج گنج معجزه، (166) ذخيرة الفقہ سنڌي، (167) معجزو حضـرت ابـراهـيـم، (168) پنــج سـورة، (169) ڪـفـن دفـن، (170) دعـا گـنج العرش سنڌي، (171) قيامت نامو، (172) سخاوت نامو، (173) استغفار، (174) مصر جا منارا، (175) چهل حديث، (176) خطبه نڪاح، (177) نماز مترجم سنڌي، (178) مداح صدر الدين، (179) ادي ادا، (180) ست سنگ جا وچن، (181) تاريخ طاهري، (182) رسومات تباهي، (183) صديق اڪبررضه، (184) شرح ديوان فاضل، (185) نيون لاثاني لاهوتي ڪافيون، (186) سوز عشق غزليات، (187) عاشقانه آلاپ، (188) فريبي طلسمات، (189) نقش سليماني، (190) مجمع الفوائد، (191) ڪامل تعبير عرف خواب نامو، (192) علم نجوم، (193) ضياءَ الجفر، (194) جوتش سوکڙي، (195) هنرن جو وڏو ڪتاب حصو (1، 2)، (196) فالنامو، (197) دوايو، (198) ٽوايو، (199) انشا سنڌي وڏو، (200) پگهارن جي جنتري، (201) طب اڪسير علوي، (202) جانورن جي طب، (203) طب علاج الغربا، (204) طب ميزان وڏو، (205) طب شفا المراض، (206) طب قوت باهه، (207) انگي حساب واٽن سان وڏو، (208) شڪارپور ۽ سکر ضلعي جي جاگرافي، (209) دنيا جي جاگرافي، (210) شريمڌ ڀاڳوت گيتا، (211) راجا وڪرما جيت، (212) ڌرم شاستر، (213) جنم ساکي گرونانڪ، (214) بالميڪي رامائڻ، (215) شريرڪ ڌرم، (216) مانسڪ ڌرم، (217) ڌرو چرتر، (218) ستي سهاڳڻ، (219) سلوڪ سوامي حصو (1، 2، 3)، (220) نرسي ڀڳت، (221) گيان مالا، (223)ڪٿا ڇنڇر ديوتا، (224) شبد هزاري، (225) سلوڪ ميهر داس، (226) ڪرشن جا ڀڄن، (227) پران مالا، (228) وچن مالا، (229) رتن مالا، (230) سڳنڌ مالا، (231) پشپ مالا، (232) راءِ ڏياچ، (233) گهوٽ ڪنوار ماءُ، (234) ٻالٻوڌ، (235) زالن جي ويم جي طب ۽ (236) پتورتا ناٽڪ عرف ستي سهاڳڻ ناٽڪ، (237) قصد ملان ۽ موالي، (238) مخزن الادويات، (239) قرابا دين علوي، (240) سنڌي طوطي نامو، (241) ديوانِ صنعت، (242) حشرات الارض، (243) سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي، (244) داستان امير خسرو، (245) گيتا جو ارڙهون اڌياءَ، (246) جپ صاحب، (247) هير رانجھو، (248) ديوانِ تاج، (249) جبل جو سير '>ڏاڙهياري جبل جو سير (مرزا قليچ بيگ)، (250) بوستان سنڌي، (251) ڪانگال جا بيت وغيره.


لفظ پوڪرداس ٿانور داسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو